عبدالغفار گوهر دائودپوٽو

عبدالغفار گوهر دائودپوٽو

عبدالغفار گوهر دائودپوٽو

عبدالغفار گوهر دائودپوٽو: نامور محقق، اديب ۽ تعليمدان عبدالغفار گوهر دائودپوٽو ولد واحد بخش، پهرين فيبروري 1961ع تي ڳوٺ دائودپوٽا، تعلقي ڳڙهي ياسين، ضلعي شڪارپور ۾ پيدا ٿيو. هن ابتدائي تعليم ڳوٺ جي اسڪول مان، مئٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول نئين ديري مان، انٽر لاڙڪاڻي مان ڪرڻ بعد سنڌ يونيورسٽي ڄام شوري مان بي. ايس. سي آنرز ۾ ۽ ايم. ايس. سي نفسيات ۾ 1985ع ۾ ڪيائين. ايم. فل همدرد يونيورسٽي ڪراچيءَ مان An Integrated Approach of Students of Class XI, XII of Larkana, Sindh عنوان سان 1999ع ۾ ڪئي. جڏهن ته پي. ايڇ. ڊي ساڳيءَ يونيورسٽيءَ مان Information Need of Public Policy Makers and Education Leaders of Sindh جي عنوان سان 2012ع ۾ ڪيائين، پر کيس اڃا تائين ڊگري نه ملي آهي. ان کان سواءِ بي. ايڊ ۽ ايم. ايڊ پڻ ٿيل آهن. تعليم مڪمل ڪرڻ بعد تعليم کاتي ۾ 1986ع ڌاري گورنمينٽ هاءِ اسڪول خانپور ۾ سائنس ٽيچر مقرر ٿيو. 1993ع ۾ کيس پروموشن ڏيئي سبجيڪٽ اسپيشلسٽ طور 17هين گريڊ ۾ گورنمينٽ هاير سيڪنڊري اسڪول غوثپور ۾ مقرر ڪيو ويو. 2005ع ۾ اسسٽنٽ پروفيسر طور ۽ 2013ع ۾ ايسوسيئيٽ پروفيسر طور گريڊ 19هين ۾ ترقي ماڻيائين. عبدالغفار دائودپوٽو هن وقت بنگلديري هاير سيڪنڊري اسڪول ۾ پرنسپال طور خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي. جڏهن ته گورنمينٽ اگهم هاءِ سڪول ۽ گورنمينت ڊکڻ هاير سيڪنڊري اسڪول جي چارج به وٽس ئي آهي. عبدالغفار دائودپوٽو وفاقي حڪومت طرفان 2005ع ۾ قانون واري وزارت ۾ سيڪشن آفيسر رهيو. جتي 2010ع تائين سنڌ جي نمائندگي ڪيائين. هيءُ سنڌ حڪومت طرفان هيومن رائيٽس ۾ سکر ۽ لاڙڪاڻي ريجن جو ڊپٽي ڊائريڪٽر جنوري 2011ع کان مئي 2011ع تائين رهيو. سپريم ڪورٽ جي آرڊر تحت واپس تعليم کاتي ۾ ويو. هيءُ 2012ع ۾ تعليم کاتي ۾ ڊپٽي سيڪريٽري پڻ رهيو. ان کان سواءِ ثقافت کاتي ۾ پراجيڪٽ ڊائريڪٽر طور پڻ خدمتون سرانجام ڏنائين. سندس ڇپيل ڪتابن ۾: نفسيات ۽ تعليم (1994ع)، شاهه جو رسالو (الف ب وار ترتيب: 1994ع)، ثقافت کاتي جي سنڌ جا سپوت سيريز ۾ ‘علامه عمر بن دائودپوٽو’ (1994ع)، نونهال ادب همدرد فائونڊيشن ڪراچيءَ طرفان اردوءَ ۾ ‘عمر بن دائودپوٽو’ (1994ع) قابل ذڪر آهن. عبدالغفار دائودپوٽو، شڪارپور جي بنياد وجهندڙ خاندان سان واسطو رکي ٿو. سندس ننڍو ڀاءُ عبدالفتاح دائودپوٽو ادب ۽ تعليم جي دنيا ۾ وڏو نالو آهي. عبدالغفار نثار بزمي اڪيڊميءَ جو چيئرمئن، رسالي علم مرزاپور جو چيف ايڊيٽر پڻ رهيو. کيس خدمتن طور ڪيترائي اوارڊ پڻ مليا آهن، جن ۾ ثقافت کاتي حڪومت سنڌ طرفان شاهه لطيف اوارڊ (1996ع)، سينٽرل آرگنائيزيشن آف ٽيچرس پاڪستان طرفان بهترين استاد اوارڊ (2004ع)، حڪومت پاڪستان طرفان استادن جي عالمي ڏينهن تي وزيراعظم شوڪت عزيز طرفان ‘بهترين استاد اوارڊ’ (2004ع) قابل ذڪر آهن. عبدالغفار دائودپوٽو، بورڊ آف انٽرميڊئيٽ ۽ سيڪنڊري ايجوڪيشن لاڙڪاڻي جو 2003ع کان 2009ع تائين ميمبر، يونيسڪو جي اسڪولن ۾ تعليم جي واڌاري واري پراجيڪٽ ۾ پراجيڪٽ ڊائريڪٽر (2004ع) پڻ رهيو. هي هن وقت گورنمينٽ هاير سيڪنڊري اسڪول بنگلديري ۾ پرنسپال طور خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي.


لفظ عبدالغفار گوهر دائودپوٽوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1961.02.01  عيسوي

عبدالغفار گوهر دائودپوٽو ولد واحد بخش، پهرين فيبروري 1961ع تي ڳوٺ دائودپوٽا، تعلقي ڳڙهي ياسين، ضلعي شڪارپور ۾ پيدا ٿيو.



اديب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

سنڌو پياسي
چترو ناگپال
غلام قادر سومرو
محمد پناهه ڦرڙو
عبدالغفار گوهر دائودپوٽو
رئيس ڪريم بخش نظاماڻي
دوارڪا پرساد روچيرام شرما
نذير احمد چنا
فاروق سولنگي
حسن عابدي
اديب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون